سائين سچل - عبدالستار ساند پھڻاريو

 Draft - to be edited and finalised


اسان جو سنڌي ورنيڪيولر جو فائنل امتحان سال ١٩۵٩ ۾ مٺي ۾ ٿيو ھو آئون ستين سنڌي ۾ ھئس ڄام ۽ ڊاڪٽر پرڌان بـ ان امتحان ۾ شامل ھئا جن کي سائين سچل ساڻ وٺي آيو ھو سائين سچل سرعام چوندو ھو پھرين ۽ ٻئين پوزيشن منھنجي ٻنھي کيسن ۾ آھن مون کيس چيو ڪاڪا پوء ٽي پوزيشن تـ مونکي کڻڻ ڏي ڀلا 

ڍاٽڪي ۾ پڇيائين ڪٿلو آھين ؟؟

چيم پھڻاريو ننگرپارڪر جو آھيان ۽ مولوي عبداللطيف حقاني جو فرزند آھيان  ـ ـ مٿي تي شفقت سان ھٿ گھماء چيائين تون ڄام ۽ پرڌان مڪڙ کان جونيئر آھين نـ تـ توکي پھرين پوزيشن ڏيان ھا پر ھاڻ ڀلي تون ٽئين پوزيشن لاء تياري وٺ 

رزلٽ آئي پرڌان مڪڙ فرسٽ ڄام سيڪنڊ ۽ مان ٿرڊ آيس 

سائين جي استاد واري حس رزلٽ کان اڳ محسوس ڪيو ھو تـ ڪير ڪير پوزيشن کڻندو منھنجي سائين سان اھا پھرين ملاقات ھئي 

اڳتي ھلي سندن فرزند ڄام سان منھنجي ياري ٿي اسين حيدرآباد ۾ شاگردي واري ھڪ ئي دور ۾ ھئاسين جيتوڻيڪ آئون ڄام کان جونيئر ھئس ڄام تلڪ چاڙھي تي رھندو ھو سندس جاء اھڙي نموني ھئي جو مٿي وڃڻ لاء سيڙھي ھوندي ھئي جيڪا وروڪڙ سان ھئي ڄام ان کي چونئري جا ڦيرا چوندو ھو 

ڄام ستر جي اليڪشن ۾ حصو ورتو اسان سندس ورڪن ۾ ھڪ دفعي ننگرپارڪر آياسين ڪاپڙي جي بنگلي جي پاسي واري گرلز اسڪول ۾ پٽ تي تالپتري وڇائي ميٽنگ ڪئي سين ۽ بعد ۾ ان تالپتري تي ئي سمھي رھياسين ـ ـ مون ڄام کي چيو اھڙي ڪيمپيئن مان فائدو ؟؟ 

ڄام حاضر دماغ ھو سو وراڻيائين ڀلا ان ڪيمپيئن جو ڪو نقصان ؟؟

اسان ٽھڪ ڏيئي وري واري واري لاري ۾ چڙھي ڏاني اچي لٿاسين جتي ھڪ خاصخيلي ڄام کي چيو توھان ميمبر ٿي ڇا ڏيندا 

ڄام چيو تارا تـ اڳلن لاھي ڏئي چڏيا آھن باقي بچيل آسمان آئون لاھي ڏيندس 

عوام کلي کلي کيري ٿي ويئي ڄام چار ھزار جي لڳ ڀڳ ووٽ کنيا ۽ راڻو چندر سنگھ کٽيو

اليڪشن کان پوء ڄام چيو چارھزار ماڻھو تـ انقلاب چاھين ٿا اھا وڏي ڳالھ آھي 

سائين سچل پنھنجي ڳوٺ ۾ تعليمي سڌارا آندا ۽ وڏيرڪي سياست جو انت آندو ھڪ وقت ھو جڏھن جنجھي ۽ مھڪي تڙ جا ماستر اچي ننگرپارڪر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ تعليم ڏيندا ھئا ان وقت چوڻي ھئي رڳو جنجھين جي ڳوٺ ۾ چار ھزار پگھار ماھوار ٿي وڃي مطلب ان وقت اھو ڳوٺ ايڏو پڙھيل ۽ برسرروزگار ھو 

سائين سچل جي ڪوشش سان سندس ڳوٺ ۾ اسڪول کليو جنھن لاء ھن پنھنجي زمين ڏني ڪنھن ٿر جي ڏوراھين ڳوٺ ۾ ھاء اسڪول جو اھو پھريون تجربو ھو جو سائين سچل جھڙو عظيم ماڻھو ڪامياب ڪري ٿي سگھيو 

جنجھي تڙ جو ھاء اسڪول ۽ ڪامريڊ ڄام جو ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿيڻ ھن جھوني جا ٻـ عظيم ڪارناما آھن جن جي ذريعي ٿر ۾ سڄاڳي آھي 

شال سندن مرقد تي رحمتون وسن آمين

Comments

Popular posts from this blog

سائين سچل جنجهي جون ساروڻيون - صدیق هاليپوٽو