سائين سچل - عبدالستار ساند پھڻاريو
Draft - to be edited and finalised اسان جو سنڌي ورنيڪيولر جو فائنل امتحان سال ١٩۵٩ ۾ مٺي ۾ ٿيو ھو آئون ستين سنڌي ۾ ھئس ڄام ۽ ڊاڪٽر پرڌان بـ ان امتحان ۾ شامل ھئا جن کي سائين سچل ساڻ وٺي آيو ھو سائين سچل سرعام چوندو ھو پھرين ۽ ٻئين پوزيشن منھنجي ٻنھي کيسن ۾ آھن مون کيس چيو ڪاڪا پوء ٽي پوزيشن تـ مونکي کڻڻ ڏي ڀلا ڍاٽڪي ۾ پڇيائين ڪٿلو آھين ؟؟ چيم پھڻاريو ننگرپارڪر جو آھيان ۽ مولوي عبداللطيف حقاني جو فرزند آھيان ـ ـ مٿي تي شفقت سان ھٿ گھماء چيائين تون ڄام ۽ پرڌان مڪڙ کان جونيئر آھين نـ تـ توکي پھرين پوزيشن ڏيان ھا پر ھاڻ ڀلي تون ٽئين پوزيشن لاء تياري وٺ رزلٽ آئي پرڌان مڪڙ فرسٽ ڄام سيڪنڊ ۽ مان ٿرڊ آيس سائين جي استاد واري حس رزلٽ کان اڳ محسوس ڪيو ھو تـ ڪير ڪير پوزيشن کڻندو منھنجي سائين سان اھا پھرين ملاقات ھئي اڳتي ھلي سندن فرزند ڄام سان منھنجي ياري ٿي اسين حيدرآباد ۾ شاگردي واري ھڪ ئي دور ۾ ھئاسين جيتوڻيڪ آئون ڄام کان جونيئر ھئس ڄام تلڪ چاڙھي تي رھندو ھو سندس جاء اھڙي نموني ھئي جو مٿي وڃڻ لاء سيڙھي ھوندي ھئي جيڪا وروڪڙ سان ھئي ڄام ان کي چونئري جا ڦيرا چوندو...