Posts

Abdul Subhan Sodho -3

Image
 

Abdul Subhan Sodho-2

Image
 

Abdul SUbhan Sodho -1

Image
 Abdul Subhan Sodho  page 2 

سائين سچل - عبدالستار ساند پھڻاريو

  Draft - to be edited and finalised اسان جو سنڌي ورنيڪيولر جو فائنل امتحان سال ١٩۵٩ ۾ مٺي ۾ ٿيو ھو آئون ستين سنڌي ۾ ھئس ڄام ۽ ڊاڪٽر پرڌان بـ ان امتحان ۾ شامل ھئا جن کي سائين سچل ساڻ وٺي آيو ھو سائين سچل سرعام چوندو ھو پھرين ۽ ٻئين پوزيشن منھنجي ٻنھي کيسن ۾ آھن مون کيس چيو ڪاڪا پوء ٽي پوزيشن تـ مونکي کڻڻ ڏي ڀلا  ڍاٽڪي ۾ پڇيائين ڪٿلو آھين ؟؟ چيم پھڻاريو ننگرپارڪر جو آھيان ۽ مولوي عبداللطيف حقاني جو فرزند آھيان  ـ ـ مٿي تي شفقت سان ھٿ گھماء چيائين تون ڄام ۽ پرڌان مڪڙ کان جونيئر آھين نـ تـ توکي پھرين پوزيشن ڏيان ھا پر ھاڻ ڀلي تون ٽئين پوزيشن لاء تياري وٺ  رزلٽ آئي پرڌان مڪڙ فرسٽ ڄام سيڪنڊ ۽ مان ٿرڊ آيس  سائين جي استاد واري حس رزلٽ کان اڳ محسوس ڪيو ھو تـ ڪير ڪير پوزيشن کڻندو منھنجي سائين سان اھا پھرين ملاقات ھئي  اڳتي ھلي سندن فرزند ڄام سان منھنجي ياري ٿي اسين حيدرآباد ۾ شاگردي واري ھڪ ئي دور ۾ ھئاسين جيتوڻيڪ آئون ڄام کان جونيئر ھئس ڄام تلڪ چاڙھي تي رھندو ھو سندس جاء اھڙي نموني ھئي جو مٿي وڃڻ لاء سيڙھي ھوندي ھئي جيڪا وروڪڙ سان ھئي ڄام ان کي چونئري جا ڦيرا چوندو ھو  ڄام ستر جي اليڪشن ۾ حصو

ٿر جو هڪ امر ڪردار:سچل جنجهي - ساگر سرتومل روپاڻ

  Draft - to be edited and finalised ٿر جو هڪ امر ڪردار:سچل جنجهي (ساگر سرتومل روپاڻي) سچل جنجهي هڪ مهان شخصيت هو جيڪو مسڪين جهان خان کانپوء ٿر جي وڏي سماج سڌارڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. علمي ڪاوشن جي حوالي سان هن جي جدوجهد بنگال جي رابندرناٿ ٽئگور وانگر هئي جنهن شانتي نڪيتن جهڙو اعلئ ادارو قائم ڪري برصغير ۾ علم و ادب جو لازوال مثال قائم ڪيو ۽ سر سيد احمد خان وانگر هئي جنهن علي ڳڙھ ۾ مسلم ڪاليج جو بنياد وجهي هندوستان جي مسلمانن کي جديد علم سان روشناس ڪرائي آزادي جي تحريڪ کي پروان  چاڙھيو. سائين سچل جنجهي ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ تعليمي ۽ سماجي شعور بيدار ڪرڻ لاء پاڻ پتوڙيو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري علم جي روشني کي واهڻ واهڻ وستي وستي ڦھلايو. ان وقت جي ٿر جو نقشو اڄ جي ٿر کان بنھ مختلف هو ؛ آمد رفت ۽ ذرائع ابلاغ کان وٺي زندگي جي بنيادي سهوليتن تائين هر شيء جي اڻھوند هئي.اهڙي حالت ۾ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين وڃڻ ؛سڌ سماء لهڻ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ٻيا ڪارج ناممڪن ن تڏهن ب انتهائي مشڪل ضرور هئا. سچل جنجهي وڏا ڪشالا ڪڍي ڳوٺ جنجهي ۾ پهريون ڀيرو پرائمري اسڪول کولايو جيڪو بعد ۾ مڊل اسڪول ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾

سائين سچل جنجهي جون ساروڻيون - صدیق هاليپوٽو

  Draft - to be edited and finalised  سائين سچل جنجهي جون ساروڻيون ....................................................................................  مرڻآ آڳي جي مئا  مري ٿيانه مات هوندا سي حيات جيئآ آڳي جي جيئا اسانجي هونهار  سدا ملوڪ  ليکڪ  آفتاب ااحمد جنجهي  جيڪو  سائين سچل جي زندگي ۽ ڪاوشن   تي هڪ ڪتاب لکي رهيو آھي تنهن فرمائش ڪئي آھي توهان منهنجي نانا سائين سچل کي تمام ويجهارهيا آ آھيو  توهان هاء اسڪول جنجهي م 12 سال رهيا آهيو توهان ڪجه نانا بابت تاثرات  ڏيو   اسانجي هن ٿر ڌرتي  . ڀورين ڀٽن جي ڀون.  پويتر واريجي پيٽ .ڪيترن ئي ڪنڌارن سچن سورمن   بهادر بانڪن   لوئي  جي لڄپال  ستين سورمين   سالڪن سڄآڻن  ماروئڙن جي مانائتن  جوڌن جوانن کي جنم ڏيئي     عالم  ارواح  ۾ آندو  انهن مان مائي  ماروئي....روپلو ڪولهي . مسڪين جهان  خان کوسو.. سائين سچل  جنجهي قابل فخر قابل  تعريف  ۽ قابل توجھ  آهن مائي ماروئي  جنهن پنهنجي وطن جي واري ءلوئي جي لڄ ............................  رکندي عمر بادشآھ جي  ماڙين محلاتن  هيرن جواهرن پلنگ  پوشن  کي ٺ ڪرائي  ڇڏيو پنهجي وطن مارن   سرتين پهن۽ پنوهارن کي ساري